ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي

ڀوڄراج چانڊو مل موٽواڻي: صوفي شاعر ڀوڄراج چانڊومل موٽواڻيءَ 1874ع ڌاري شھر لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سورهن سالن جي عمر ۾، والد جي وفات کانپوءِ مئٽرڪ جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي وڃي ٽپال کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ قنبر ۾ انجينئري کاتي ۾ نوڪري سان لڳو. جتي سندس ملاقات سنت جيوت سنگهه سان ٿي. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس مريد ٿيو ۽ ان کان ڳائڻ، تنبورو وڄائڻ ۽ شاعري سکيو. ڪجهه سالن کان پوءِ وري لاڙڪاڻي ۾ نوڪري سان لڳو. جتي موڪل وارن ڏينھن ۾ سنتن جي سيوا ۾ حاضر رهندو هو. سندس پٽن مان سماجي خدمتگار ۽ سنڌ ۾ ’ٻالڪن جي ٻاريءَ‘ جو باني دادا شيوڪ ڀوڄراج مشھور هو. شاعريءَ ۾ ’ڀوڄل‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس سنڌي ۽ هنديءَ شاعري ۽ ڀڄن ”اتم سِڌ منڊلي“ ۽ ”جيون چرتر سائين ڀوڄراج“ ڪتابن ۾ ڇپيل آهن. هن 5 نومبر 1920ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو